ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم

ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم

ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم

ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور اديب تاج جويي جو ترتيب ڏنل آهي. ڪتاب جو انتساب، ڊاڪٽر بلوچ جي ماءُ مائي صاحبزاديءَ جي نالي ڪيل آهي، جيڪا ڳوٺ جعفر لغاري (ضلعي سانگهڙ) جي هڪ سگهڙ ۽ معلم خاتون هئي، جنهن سنڌ کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙو صالح ۽ مثالي انسان ڏنو. ڪتاب ۾ ’ڊاڪٽر بلوچ جي جيوَن جهلڪ‘ ۽ ’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو علمي ۽ قلمي پورهيو‘ عنوانن وارا تفصيل تاج جويي جا تيار ڪيل آهن. ڪتاب جي ابتدا ۾ پبلشر عثمان منگيءَ ۽ مرتب تاج جويي جي ٻن اکرن کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي زندگيءَ، شخصيت ۽ علمي ادبي ڪارنامن، تعليمي ۽ انتظامي خدمتن تي ضياءِ الدين ايس. بلبل، محمد عمر چنڊ، مراد علي مرزا، نياز همايوني، امداد حسيني، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، تاج جويي، محمد يوسف شيخ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، محمد حسين ڪاشف، عابد لغاري، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، حميد سنڌي، عبدالرحمان مهيسر، پرواني ڀٽي، سحر امداد، عبدالرحمان پليجي، عزيز جعفراڻي، حافظ حبيب سنڌي ۽ رسول بخش تميميءَ جا سنڌيءَ ۾، ڊاڪٽر محمد سليم اختر، آفاق صديقي، خالد اطهر ۽ چاند بيبي سلطانه جا اردوءَ ۾ ۽ حميده کهڙو، منيزه هاشمي، پروفيسر نذير احمد، عزيز ملڪ، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، سيما قريشيءَ جا انگريزي مضمون ڏنا ويا آهن. انگريزي حصي ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو البيرونيءَ جي ڪتاب ’الجواهر في معرفت الجواهر‘ جو تعارف ۽ تاج جويي جو ڊاڪٽر بلوچ جي اشاعتن جو انگريزيءَ ۾ تعارف ڏنل آهي. ڊيمي سائيز جي 392 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم جي سرپرست اعليٰ عثمان منگيءَ، 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت ڄاڻايل ڪانهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو